دادو جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ايم سي ٽي سي نديم بدر قاضي جي عدالت ام رباب چانڊيو جي والد مختيار چاچو

2 years ago
10

دادو/ رپورٽ بيور چيف عرفان برهماڻي

دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ڪيس جي ٻڌڻي 16 تاريخ تائين ملتوي
دادو جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ايم سي ٽي سي نديم بدر قاضي جي عدالت ام رباب چانڊيو جي والد مختيار چاچو قابل ۽ ڏاڏو ڪرم الله چانڊيو جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ٻنهي ڌرين جا وڪيل حاضر ٿيا , وارث ام رباب چانڊيو پڻ عدالت ۾ پيش ٿي , الزام ھيٺ آيل ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ ايم پي اي بھران خان چانڊيو وارا اڄ عدالت ۾ غير حاضر رھيا ڪيس جي ٻڌڻي 16 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي , ٻاھر ميڊيا سان ڳالھائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته مان مسلسل 5 سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رھي آھيان سرداري نظام جي خلاف جنگ جاري رھندي عدالتن کان انصاف جي اميد آهي ,
ام رباب چانڊيو چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي سنڌ گدڙن ۽ بگھڙين جي حوالي آهي مونکي جلد کان جلد انصاف ڏنو وڃي , ۽ اسان سردارن کي ٻڌائيندا ھلئون ته اسان جي جدوجهد جاري رھندي

Loading comments...