پيارو اسٽيشن تي قائم ٿرديپ مائيڪرو فنانس جي سيٽلمينٽ برانچ تي مقرر عملي جي اڻ ڍنگي روئيي ۽ في لون تي

2 years ago
3

دادو رپورٽ بيورو چيف عرفان برهماڻي
پيارو اسٽيشن تي قائم ٿرديپ مائيڪرو فنانس جي سيٽلمينٽ برانچ تي مقرر عملي جي اڻ ڍنگي روئيي ۽ في لون تي پنج هزار رشوت وٺڻ خلاف ڳوٺ عبدالرحيم ابڙو جي رهواسڻ عورت شمشاد ابڙو جو معصوم پٽ هنج ۾ ڪري احتجاجي مظاهرو،

ان موقعي تي هن احتجاج ڪندڙ عورت شمشاد ابڙو الزام لڳائيندي چيو ته برانچ مينيجر وسيم راڌڻ ۽ لون آفيسر مجاهد چانڊيو بيئنڪ ۾ لون کڻڻ جي لاء ايندڙ مجبور عورتن سان بداخلاقي جو رويو اختيار ڪري قرض وٺڻ لاء ايندڙ ماڻھن جي تذليل ڪري هنن کي پريشان بنائڻ لڳا آهن آفيس ۾ نشو واپرائڻ سان گڏوگڏ قرض کندڙن کان هزارين روپيه رشوت وٺي پوء هنن جو لون ڪرڻ لڳا آهن هن وڌيڪ چيو اسان اڳ ٻه ڀيرا ٿرديپ مان لون کنيون آهي اڳ ۾ اسان اهڙي ڪابه شڪايت نه ڪئي آهي پر هي عملو لون کڻڻ ايندڙ ماڻهن کي بار بار پنڌ ڪرائي ماڻهن جي تزليل ڪري رهيا آهن ۽ في لون تي پنج کان ست هزار رشوت طلب ڪري رهيا آهن متاثر عورت شمشاد ابڙو ٿرديپ مائڪرو فنانس پيارو اسٽيشن تي مقرر عملي جي اهڙي ڪريل عمل خلاف سخت احتجاج ڪندي هن ٿرديپ مائڪرو فنانس جي سي او سونو خان بزنس هيڊ ميڊم پٺاڻي ريجنل ميئنيجر ايريا مئنيجر ۽ ٻين اعلي اختيارين ايس ايس پي دادو سيشن جج دادو ۽ انساني حقوق جي تنظيمن کان مطالبو ڪندي چيو ته پيارو اسٽيشن ٿرديپ مائڪرو فنانس تي مقرر برانچ مينيجر وسيم راڌڻ ۽ ان سان گڏ لون آفيسر مجاهد چانڊيو کي اهڙيون ڪريل حرڪتون ڪرڻ جو نوٽيس وٺي نوڪري تان برطرف ڪري ڪيو وڃي ۽ پيارو اسٽيشن برانچ تي پڙهيل لکيل اخلاق رکندڙ ايماندار شريف اسٽاف مقرر ڪيو وڃي ته جيئن اداري جي پاليسين تي عمل ٿيندي شهرين کي قرض جون سهولتون بهتر نموني سان ميسر ٿي سگهن.
ياد رهي ته پيارو اسٽيشن ٿرديپ تي مقرر عملي جي اهڙين حرڪتن جي ڪري هڪ ڏينهن اڳ ۾ پ پ پ اڳواڻ محمد پناه ابڙو به احتجاج ڪيو هيو جنهن جو هن وقت تائين اعلي اختيارين ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي،

Loading comments...