دادو پوليس اسٽيشن بي سيڪشن ٿاڻي تي مقرر اي ايس آء نظير پنهور پاران بلاجواز ڪاروائي ڪري گهرن مٿان

2 years ago
3

دادو پوليس اسٽيشن بي سيڪشن ٿاڻي تي مقرر اي ايس آء نظير پنهور پاران بلاجواز ڪاروائي ڪري گهرن مٿان چڙهائي ڪرڻ خلاف شان مري شهيد پ پ ڀٽو سٽي دادو جي سابقا صدر ڪامريڊ شڪيل احمدلاکو مظهر سولنگي باسط شاه ٻين پاران احتجاجي مظاهرو
احتجاجي مظاهرو ڪندڙن الزام لڳائيندي ميڊيا آڏو دانهيندي ڳالهايو ته اي ايس آء نظير پنهور وردي جو غير قانوني استعمال ڪندي اسان گهرن مٿان چڙهائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي۽ بي گناه شان مري تي تشدد ڪري هن کي زخمي ڪري فائرنگ ڪئي اٿس جڏهن ته هن مٿان ڪوبه ڪيس وغيره داخل ناهي ٿيل
احتجاجي مظاهرين آء سنڌ پوليس ڊي آء حيدرآباد ايس ايس پي دادو سيشن جج دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته بدمست اي ايس آء نظير پنهور خلاف قانوني ڪاروائي ڪري هن معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
رپورٽر احسان علي مري ايٽ پيارو اسٽيشن

Loading comments...