ڀان سيدآباد ۾ اسٽيج جي دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر آباد ٿي وئي آهي، 34 سالن کانپوءِ مزاح ۽ سماجي پيغام سان

2 years ago
11

رپورٽ اظھر علي ڪنڀر ڀان سيدآباد....

ڀان سيدآباد ۾ اسٽيج جي دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر آباد ٿي وئي آهي، 34 سالن کانپوءِ مزاح ۽ سماجي پيغام سان ڀرپور اسٽيج ڊرامو ”محبت زنده آباد“ ڏيکاريو ويو، ڏسندڙن پاران ڊرامي کي ڀرپور موٽ ڏني وئي، ڊرامو والدين جي رضامنديءَ بغير فرار ٿي شادي ڪندڙ هڪ نوجوان جوڙي تي مشتمل هئي، جيڪو معاشي مسئلن ۽ سماجي ڌڪار کي منهن ڏئي رهيو هو، ڊرامي ذريعي پيغام ڏنو ويو ته نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون شاديءَ جهڙي فيصلي ۾ والدين کي اعتماد ۾ وٺن، کين سماج ۾ رُسوا نه ڪن، ڊرامي جو ليکڪ ڪي ٽي اين جو سينيئر پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ ناميارو اداڪار منير سيال هو، مرڪزي ڪردار سندس نوجوان پٽ عادل منير سيال نڀايو، جڏهن ته نوجوان اداڪاره سنڌيا، منير سيال، ايم اشرف عطار، گل ڀٽو، سڌير ميرالي، اسلم خشڪ، پرنس اڪبر ڀٽي، ۽ ٻين پڻ ڊرامي ۾ شاندار اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري ڏسندڙن کي ڀرپور تفريح فراهم ڪئي، ڊرامي دوران پنڊال ٽهڪن ۽ تاڙين سان گونجندو رهيو، اسٽيج ڊرامي جي شروعات کان اڳ سينيئر ادڪار گل ڀٽو سان رهاڻ پڻ ملهائي وئي، جنهن دوران کيس شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي، پروگرام جو مهمان خاص قربان علي قمبراڻي، محمد جمن جمالي، جاويد احمد بلوچ، حاڪم علي بڪيرو، رئيس حاجي محمد جمالي، راجا سھيل لانگاھ، پرديپ ڪمار پريمي، خالد چنا، اڪرم ميمڻ، ياسر شورو، عاشق علي مينگل، اظهر علي ڪنڀر، عبدالڪريم جمالي ۽ ٻيا هئا، جن گل ڀٽو جي فني خدمتن تي کيس شاندار لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي....

Loading comments...